ٻڌاءِ ته سهي

ٻڌاءِ ته سهي

ٻڌاءِ ته سهي

ٻُڌاءِ ته سهي (ڪتاب ):سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ”ٻارن لاءِ سنڌيڪا سيريز“ هيٺ، ڊبل ڪرائون سائيز جا 24،24 صفحن جا پنج ڪتابڙا هيٺين عنوانن سان ڇپايل آهن. (1)ٻي مخلوق ڪيئن ٿي رهي؟ (2) شين جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ (3) بنيادي سائنس، (4) ڪائنات جو مطالعو وغيره.
هنن ڪتابن ذريعي ٻارڙن کي آسان زبان ۾ سائنسي ڄاڻ سيکاري وئي آهي. هنن ڪتابڙن جو سهيڙيندڙ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو باني نور احمد ميمڻ آهي ۽ هر ڪتابڙي جو مُلهه 20 روپيا رکيو ويو آهي. هنن ڪتابن جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو